رحيم بخش قريشي

رحيم بخش قريشي: سگھڙ رحيم بخش ولد عبدالله قريشي 1948ع ۾ ڳوٺ ڪيٽي قادر بخش شاهه، ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو. پنج درجا سنڌي تعليم، ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو. کيس ننڍپڻ کان شعر شاعريءَ جو شوق هو. 1966ع ڌاري ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ وڏن سگھڙن جي صحبت ۾ رهي پهرينءَ صف جو سگھڙ ٿيو. 1975ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ ملازم ٿيو، ان ڪري لڏي اچي ڄامشوري ويٺو، جتي وٽس سگھڙ محفلون مچڻ لڳيون. هن ’سنڌ سڄاڻ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم‘ جو ساٿين سان گڏجي بنياد وڌو. هن 8 مئي 2004ع تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ سگھڙ ڪانفرنس ڪوٺائي. هي ’سلات‘ جو مرڪزي سينيئر نائب صدر رهيو. ڪيترا اوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيائين.


لفظ رحيم بخش قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو